بئريسٽر ضمير گهمرو

بئريسٽر ضمير گهمرو

ضمير گهمرو بئريسٽر

ضمير گهمرو، بئريسٽر: قانون ۽ سماجي جاڳرتا جي حوالي سان بئريسٽر ضمير گهمرو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هن 1966ع ۾ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان 1991ع ۾ ’بين الاقوامي تعلقات‘ ۾ ماسٽرس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين ۽ ساڳئي مضمون لاءِ اتي ليڪچرر طور هڪ سال پڙهايائين. 1992ع ۾ هن چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان پاس ڪري، سول سروسز اڪيڊمي، پشاور مان سب ڊويزنل مئجسٽريٽ جي تربيت ورتي، بعد ۾ هو مختلف وقتن ۾ ايس. ڊي. ايم، سٽي مئجسٽريٽ، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طور 2001ع تائين مختلف هنڌن تي ذميواريون نڀائيندو رهيو. هن 2003ع ۾ لنڊن جي سٽي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي ڪئي ۽ 2005ع ۾ يونيورسٽي آف ويلز، انگلنڊ مان ايل. ايل. ايم جا چار يونٽ مڪمل ڪيا. بئريسٽر ضمير، جولاءِ 2005ع ۾ سرڪاري ذميوارين تان استعيفا ڏيئي ڇڏي، ان وقت هو سنڌ سرڪار ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر هو. ان دوران هن جو لاڙو قانون ڏانهن ٿيو، پاڻ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل طور به نامزد ٿي چڪو هو، هن وقت ’ضمير گهمرو اينڊ ايسوسيئيشن‘ نالي قانوني معاونت جو فرم سنڀالي رهيو آهي، سماجي کيتر ۾ هن انساني حقن جي تنظيم سان گڏجي سنڌ جي ڪجهه نجي جيلن مان زميندارن وٽ ناحق قيد ڪيترين ئي هارين کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مختلف انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ سماجي جاڳرتا ۽ حالات حاضره بابت تحقيقي ۽ تجزياتي ڪالم به لکندو رهي ٿو. پاڻ هن وقت ’سنڌ دوست رابطا ڪائونسل‘ (SDRC) جو سربراهه آهي، ان پليٽ فارم تان هو قومي حقن، خود مختياري ۽ انساني حقن بابت جاکوڙي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو